SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


World Society

(click word to listen sound
  • 🔊
  • wəːld
  • səsaiətiː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

World Society

ورلڊ سُسائٽي

عالمي سماج

آسٽريليائي سفاتڪار ۽ دانشور ’جان ڊبليو برٽن‘ جو نظريو،جنهن ۾ هن قومن ۽ رياستن جي پاڻ ۾ لهه وچڙ جي بنياد تي بيٺل عالمي سرشتي کي رد ڪندي ٻڌايو آهي، ته خودمختياري (Sovereignty) جو روايتي تصور انساني سماج جي اصل روين، خواهشن ۽ مستقبل بابت تصورن جي ترجماني نٿو ڪري سگهي. برٽن جو خيال هو ته علائقي (Territory) جي بُنيادن تي پاليسيون جوڙڻ ۽ عام رواجي نقشي (Map) جي بُنياد تي عالمي برادريءَ جي مفادن جو تعين ڪرڻ عالمي وهنوار کي هلائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش آهي، جنهن جو ڪڏهن به مٺو ڦل ناهي ملڻو. هن جي سوچ مطابق طاقت (Power) جي چوڌاري گهمندڙ سياست جو نتيجو خود فريبيءَ تي ٻڌل محرڪن، جهڙوڪ: جنگي برابري (Deterrence) ۽ ”طاقت جو توازن“ جهڙن تباهه ڪن پهلوئن کي جنم ڏئي ٿو. ان جي اُبتڙ عالمي برادريءَ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هُو اڳرائي پسنديءَ واري لاڙي بدران سهڪار ۽ پر امن لاڙن جي حمايت ڪري ٿو، جنهنڪري سندس مُخالف کيس غيرعمليت پسند ۽ ”خيالي دانشور“ به سڏيندا آهن. پنهنجن خيالن جي ڪري برٽن انهن سڀني فائدن کان محروم رهيو، جيڪي طاقت جي حامي دانشورن کي ملندا آهن. ”عالمي سماج“ جي بُنيادي تصور ۾ فقط سياسي بُنيادن تي قومن جي برادري جوڙڻ بدران قومن جي سموري زندگيءَ جا رنگ ۽ پهلو بحث هيٺ آڻڻ ۽ ثقافتي ۽ ٻين محاذن تي مُختلف قومن کي گڏ ڪرڻ وارا پهلو شامل ڪرڻ ۽ اها گڏپ ”ادارتي“ ۽ انفرادي دائرن تائين وسيع ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي. ’برٽن‘ جي خيال موجب اعليٰ انساني قدر ئي دنيا جي دُرست رُخ ۾ راهنمائي ڪري سگهن ٿا. دنيا جي ڪار وهنوار ۾ امن، سفارتڪاري ۽ تعلقات ٺاهڻ جا روايتي طريقا پنهنجو اثر وڃائي چُڪا آهن، تنهنڪري عالمي پئماني تي ’سمجهه ڀريي تعاون‘ ذريعي ئي دُنيا کي بهتر روپ ڏياري سگهجي ٿو. سندس مُخالف، مٿس ’خيال پرست‘ هُجڻ جو الزام هڻن ٿا


Remember Me Also:

هم آواز

هَمِ آوازُ

ذ . ساڳيو آواز، ساڳيو ڍنگ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal